پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڇاپا، 200 شاگرد ڪاپي ڪيس

ميرپورخاص: ميرپورخاص تعليمي بورڊ پاران نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي بائيلاجي جي پيپر ۾ ضلعي جي مختلف امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل رهي، ڪاپي جي شڪايتن تي تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولر انور عليم خانزاده مختلف امتحاني مرڪزن اقرا بوائز اسڪول، عادل اسڪول، ماڊل ڪاليج، موليڏنو خاصخيلي ھائي اسڪول، ميرواهه ۽ ڊگھڙي ھائي اسڪول سميت ٻين سينٽرن تي ڇاپا ھنيا ۽ 200 شاگردن کي نقل ڪندي پڪڙي ڪاپي ڪيس ڪرڻ سميت 100 موبائل فون ضبط ڪيا. جنهن بعد ڪاپي ڪرائڻ جي الزام هيٺ 12 انويجيليٽرس کي هٽايو ويو. جڏهن ته موليڏنو خاصخيلي ھائي اسڪول ۾ ھڪ استاد پاران موبائل فون ذريعي ايم سي ڪيوز ڪرائڻ تي استاد جو موبائل فون ضبط ڪرڻ سميت ڪلاس ۾ موجود 65 شاگردن جا ايم سي ڪيوز پيپر رد ڪيا ويا. ان موقعي تي ڪنٽرولر تعليمي بورڊ انور عليم خانزاده ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نقل ھڪ ناسور آھي، جنھن سان ٻارن جو مستقبل تباھه ٿي رهيو آهي ۽ اهو ميرٽ جو قتل پڻ آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته والدين سميت سينٽرن تي موجود عملو ھن ڪڌي ڪم ۾ ملوث آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button