پاڪستانسنڌ

ڀا ڀيڻ جي خوشين خاطر قربان، پي جوان پٽ ماري ڇڏيو

غلام نبي شاهھ: غلام نبي شاهھ ٿاڻي جي حد حد ڳوٺ 8 ميل ھيرل ۾ ظالم جوابدار پنهنجي جوان پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ 8 ميل هيرل ۾ جوابدار آدم کاڙت پنھنجي 32 سالن جي نوجوان پٽ مشتاق کاڙت کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو، اطلاع تي ڊي ايس پي پٿورو اقباڪ مڱريو ۽ ايس ايڇ او غلام نبي شاھه ارشد گشڪوري پوليس ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پٿورو آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او ارشد گشڪوري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار آدم کاڙت پنھنجي پٽ مشتاق کاڙت کي گھر ۾ گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي، جوابدار آدم کاڙت پنھنجي ڌي جي پئسن عيوض پوڙي شخص سان شادي ڪرائڻ ٿي چاھي، جنهن تي سندس پٽ انڪار ڪيو، ان ڪري پي پٽ ۾ تڪرار ٿيو ۽ واقعو پيش آيو، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ڇاپا هڻي رهيا آهيون. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button