پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ معذوم سماجي اڳواڻ جي اوطاق مان سولر پليٽ، بيٽري، ليپ ٽاپ ۽ 2 موبائل چوري

چيلھار: چيلهار ۾ عمرڪوٽ روڊ تي قائم سماجي اڳواڻ غلام رسول نھڙيو جي اوطاق ۾ 2 نامعلوم چور داخل ٿي تالا ٽوڙي سولر پليٽ، بيٽري، ليپ ٽاپ ۽ 2 موبائل فون کڻي فرار ٿي ويا. اطلاع باوجود پوليس ڪا ڪاروائي نه ڪئي. ان حوالي سان سماجي اڳواڻ غلام رسول نهڙيو جو چوڻ آهي ته منھنجي اوطاق ھر وقت مھمان لا کليل ھوندي آهي، آئون پاڻ پنھنجي معذوري باوجود هر ماڻھو کي سڏ ۾ سڏ ڏيندو آھيان، منھنجي ڪنھن سان ڪا ذاتي دشمني ناھي. هن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته چورن خلاف ڪاروائي ڪري چوري واپس ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button