پاڪستانسنڌ

آمرن ۽ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي ته عمران خان ڪهڙي شي آهي؟ بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان اڃا لاڏلو آهي، هر ڪُنڊ ۾ سندس سهولتڪار موجود آهن، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي پنهنجي سياست بچائڻي آهي ته دهشتگردن جو ساٿ ڇڏڻو پوندو، اسان ته اتحادين کي به ڊائلاگ لاءِ چوندا هئاسين، پر اسان دهشتگردن سان ڪيئن ڳالهيون ڪريون. ڪراچي ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪاني چونڊون تاريخي هيون، ڪراچي کان ڪشمور تائين جيالن جي حڪومت هوندي، ڪراچي ۾ ورهاست جي سياست هلندي هئي، اسان ورهاست ۽ نفرت جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو، سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي. هن چيو ته پ پ چونڊن لاءِ تيار آهي، سياسي مخالفن کي ووٽ جي طاقت سان هارائينداسين. هن چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ ورهاست ۽ نفرت جي سياست کي دفن ڪنداسين، اسان اڳ به چئن صوبن جي زنجير هئاسين، اڄ به آهيون.

سندس چوڻ هو ته پ پ چونڊون وڙهڻ ڄاڻي ٿي ۽ کٽڻ به ڄاڻي ٿي، اسان چونڊن کان نٿا ڊڄون، پ پ چونڊن لاءِ تيار آهي، پنهنجي سياسي مخالفن کي ووٽ جي طاقت سان شڪست ڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جيڪي سياسي دهشتگرد آهن، انهن سان ته ڪجهه ٿيو ئي نه، اهي اڃا تائين لاڏلا آهن، هاڻ به انهن جا سهولتڪار موجود آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڻ کي بهادر ليڊر سمجهندڙ بالٽي پائڻ بنا گهران نٿو نڪري سگهي، هڪ رات جيل ۾ نه گذاري سگهيو، ڪپتان گيسٽ هائوس ۾ به هڪ رات برداشت نه ڪري سگهيو، جيل جي خوف کان هن سڄي پاڪستان کي ساڙي ڇڏيو، جيل جي خوف ۾ هن ادارن تي حملو ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمرن ۽ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي ته عمران خان ڪهڙي شي آهي؟ ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ کي خدا حافظ ڪرائڻ جو ٽريلر هو، سڄي ملڪ ۾ سياسي دهشتگردن کي فارغ ڪنداسين، چونڊون جڏهن به ٿين، جيالا ميدان تي لهڻ لاءِ تيار آهن، اسان عوام ۽ ووٽ جي طاقت سان مخالفن کي هارائينداسين. ڪراچي ۾ نفرت ۽ ڏڦيڙ جي سياست هلندي هئي پر جيالن اُن سياست کي ختم ڪري ڇڏيو، سنڌ هڪ آهي ۽ رهندي، ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت وقت جيالا ڪاوڙ ۾ هئا، تڏهن به اسان جي ايڇ ڪيو تي حملا نه ڪيا، جيالن پاڻ کي باهه ڏني پر رياستي ملڪيتن کي نه ساڙيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button