پاڪستانسنڌ

ڀرياسٽي ۾ هٿياربندن ڪلاشنڪوف جو برسٽ هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ڀرياسٽي: ڀرياسٽي ڀرسان هٿياربندن پاڻي جي واري تان موٽندڙ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ حسين ڪلھوڙو واسي 28 سالن جو نوجوان ارٻيلو ڪلھوڙو پاڻي جي واري تان گهر موٽي رهيو هو ته ڳوٺ حسين ڪلهوڙو لنڪ روڊ تي پير ماهين وٽ ھٿياربندن ڪلاشنڪوف جو برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان مقتول نوجوان جي ڀا عبدالرشيد ڪلھوڙو ۽ ڀيڻيوئي محمد اعظم ڪلھوڙو ٻڌايو ته اڪبر ڪلھوڙو ۽ يار محمد عرف يارو ڪلھوڙو وارن سان مقتول ارٻيلي ڪلھوڙو جو چوپائي مال جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو ھلندڙ ھو، جنھن جو ڪيس پڻ عدالت ۾ ھلندڙ آھي، ارٻيلو ۽ اسان زمين تان پاڻي ڏئي واپس ڳوٺ اچي رھيا ھئاسين ته رات 4 وڳي ڌاري ڳوٺ حسين ڪلھوڙو لنڪ روڊ تي پيرماھين ڀرسان اڪبر ڪلھوڙ ۽ يارو ڪلھوڙو پنھنجن 7 کان مٿي ھٿياربند ساٿين سان گڏجي ڪلاشنڪوف جا برسٽ ھڻي اسان جي نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون، فوري طور قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي. ٻئي پاسي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي رھيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button