پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ آپگهات ڪندڙن جي نفسياتي پوسٽ مارٽم لا ڪلينڪ قائم

اسلام ڪوٽ: ضلعي ٿرپارڪر ۾ نفسياتي بيمارين جي علاج ۽ ذهني صحت جي معاملن لا ٿر فائونڊيشن جي سهڪار سان سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ جو افتتاح مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۽ سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪريم خواجه ٿر فائونڊيشن اسپتال اسلام ڪوٽ ۾ ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ملاڻي چيو ته ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ جي شروعات وڏي اهم اڳڀرائي آھي، ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ جي شروعات يوسي سطح تي ڪئي وڃي ۽ اسلام ڪوٽ جي 9 ئي يوسيز ۾ ڪئمپون لڳايون وڃن. تقريب کي خطاب ۾ چيئرمين سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي ڪريم خواجه چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ آپگهات ڪندڙن جو نفسياتي پوسٽ مارٽم ڪٿي به ناهي ٿيو، اهو پهريون ڀيرو ٿر ضلعي ۾ ٿي رهيو آھي، ڊاڪٽرن ۽ ايل ايڇ ويز سميت 200 کان وڌيڪ عملي کي تربيت ڏني آهي، ٽيلي سائيڪاٽري ڪلينڪ شروع ڪرڻ سان ٿر جي ماڻهن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد وڃڻ جي ضرورت نه پوندي، نفسيات جا ماهر ڊاڪٽر ٽيلي ڪلينڪ ذريعي مريضن جو علاج ڪري سگهندا، ڪلينڪ تان ريفر ٿيل مريضن کي ڪراچي ۾ سر ڪائوسجي انسٽيٽيوٽ ۾ داخل ڪيو ويندو. تقريب کي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي وائيس پريزيڊنٽ اظهر ملڪ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر هرچند را، ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب دوران مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ٻين ٿر فائونڊيشن جِي ٽيم، صحت کاتي جي ملازمن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ ورهايا. تقريب ۾ گھنشام داس، ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي، ڪلديپ پارواڻي، جنرل مئنيجر ڪمپني فياض سومري، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي، جنيد انصاري، مبشر سومري، فياض شيخ، يعقوب بابر، ڪامران شيخ، هرجي لال، رشنا ضمير، عبدالحميد مهيري، احسن سرهندي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button