پاڪستانسنڌ

شهدادپور لڳ ٻڏي ويل نوجوان نه مليو، وارثن جو انتظاميا خلاف مظاهرو

شھدادپور: شھدادپور ويجهو سانگهڙ-شھدادپور روڊ تي جمڙائو ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويل ڳوٺ ڪمال خان لغاري واسي 22 سالن جي نوجوان مجاهد لغاري جي ڳولا نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن عباس لغاري، محرم لغاري، سائين بخش لغاري ۽ شفيق لغاري جي اڳواڻي ۾ روڊ تي رڪاوٽون کڙيون ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي وارثن چيو ته 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اسان جي نوجوان جو ڪو ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، جنهن ڪري مايوس آھيون. اسان وٽ ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي ناهي آيو. هنن گهر ڪئي ته اسان جي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن مين روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب سانگهڙ ۽ شھدادپور سميت مختلف شھرن ۽ ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون. ان سلسلي ۾ سنجهورو ٿاڻي پوليس ٻڌايو ته مقامي ٽوٻا نوجوان جي ڳولا ڪري رهيا آھن. وڌيڪ ٽوٻا گهرايا ويا آهن، نوجوان کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button