
تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪومت ۽ ان جا سرپرست مون کان ڊنل آهن، هنن کي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست جو ڊپ آهي. برطانيا جي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت تاريخ جي سڀ کان ڪمزور جمهوريت آهي ۽ هاڻوڪي صورتحال ۾ اميد رڳو عدليا ۾ آهي. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان مون کي ائين پڪڙيو ويو ڄڻ مان ڪو وڏو دهشتگرد هجان، حڪومت جو منصوبو مون کي ۽ منهنجي پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ آهي، پرتشدد واقعن ۾ اسان جا ماڻهو ملوث نه آهن، ڀڃ ڊاهه وارن واقعن جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، حڪمران خوف ۾ غلط فيصلا ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سمورن بحرانن جو حل اليڪشن آهي، جيڪڏهن صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته سڀئي بحران ختم ٿي ويندا.