اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۾ عمران نيازي جي بادشاهت قائم ٿيڻ نه ڏينداسين: شهباز شريف

اسلام آباد: مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪومتي قانونسازي کي آئيني ۽ قانوني نٿا مڃو ۽ عمران نيازي جو فرمان رد ڪيون ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ عمران نيازي جي بادشاهت قائم ٿيڻ نه ڏينداسين. مسلم ليگ نون جي صدر مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ نون ليگ جي پارلياماني ايڊوائزي بورڊ جو اجلاس پارليامينٽ هائوس جي اپوزيشن چيمبر ۾ ٿيو جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ حڪومت جي قانونسازي بلڊوز ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته حڪومتي قانونسازي کي آئيني ۽ قانوني نٿا مڃون، عمران نيازي جو فرمان رد ڪيون ٿا. هن چيو ته عوام تي مهانگائي جي بمباري ڪندڙ حڪومت پارليامينٽ تي خودڪش حملو ڪيو آهي، هاڻي آئين تي حملي آور آهي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button