اسلام آبادپاڪستان

سينيٽ مان صحافين جي تحفظ سميت 3 بل منظور، اپوزيشن جو هنگامو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت سينيٽ ۾ صحافين جي تحفظ سميت 3 بِل مخالف ڌر جي هل هنگامي ۾ به منظور ڪرائي ڇڏيا. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري طرفان صحافين جي تحفظ جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، صحافين بابت بل جي حق ۾ 35 ۽ مخالفت ۾ 29 ووٽ آيا. صحافين جي تحفظ جو بِل سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جي تحريڪ تي دلاور خان گروپ به حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو. حڪومت طرفان صحافين جي تحفظ جي بِل کي واڌو ايجنڊا طور پيش ڪيو جنهن تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو ۽ ربڙ اسٽيمپ پارليامينٽ نامنظور جا نعرا هنيا.

ان سان گڏ حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن بل ۽ قومي احتساب ترميمي بل به منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته صحافين بابت بِل کي ٺاهڻ ۾ هڪ سال لڳو. قانون واري وفاقي وزير بيريسٽر فروغ نسيم طرفان سينيٽ ۾ نيب ترميمي به ضمني ايجنڊا طور پيش ڪيو ويو جنهن کي به مٿين ايوان منظور ڪري ورتو. فروغ نسيم جو چوڻ هو ته اهو به ڪنهن هڪ شخص جي لاءِ قطعي ناهي پر سڀني جي لاءِ آهي. ان کانسواءِ سينيٽ پارلياماني معاملن واري وزير محمد علي خان طرفان پيش ڪيل هائر ايجوڪيشن ڪميشن ترميمي بل به منظور ڪري ورتو. حڪومتي بل منظور ٿيڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس وٽ اچي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائي ڇڏيون جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button