پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ملڪ ۾ گيس جو شديد بحران، پنجاب کي ايل اين جي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد: سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي ڪري شهرين کي پريشاني سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گجروانوالا ۾ ٿڌ ۾ واڌ سان گڏ گيس پريشر ۾ گهٽتائي جڏهن ته ڪاٺين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ وري گيس جي فراهمي مڪمل طور معطل ڪئي وئي آهي. ٻرڻ واري ڪاٺين جو اگهه في مڻ 350 رپين تائين وڌي چڪو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ 600 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ وارو ڪاٺ 950 رپيا في مڻ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ڪراچي جي صنعت ڪارن به گيس نه ملڻ جي شڪايت ڪئي آهي جنهن سان ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button