عالمي

مودي گوڏا کوڙي ڇڏيا، تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ جو اعلان

نئين دهلي: مودي حڪومت هارين جي احتجاج آڏو گوڏا کوڙيندي تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مودي حڪومت گذريل هڪ سال کان ملڪ ۾ هلندڙ هارين جي احتجاج آڏو گوڏا کوڙيندي زرعي سڌارن جي نالي تي منظور ڪرايل تڪراري زرعي قانون کي واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب وزيراعظم نريندر مودي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ ڀارت جي مختلف رياستن ۾ احتجاج تي ويٺل هارين کي گهر ڏانهن واپس موٽڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته حڪومت نئين زرعي قانون کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نريندر مودي وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پارليامينٽ مان 2020 ۾ پاس ٿيندڙ 3 زرعي قانون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button