اسلام آبادپاڪستان

ڪنهن به حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي مدد ناهي ڪئي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪنهن به حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي مدد ناهي ڪئي، اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي. فراش ٽائون اپارٽمينٽس جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهن لاءِ پنهنجو گهر ٺاهڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته جيترو ڪرايو هجي اوتري قسط ٺهي. تعميراتي شعبي کي سبسڊي ڏني، بئنڪن پهريون ڀيرو گهر ٺاهڻ لاءِ قرض ڏيڻ شروع ڪيو آهي. اسان 2 سال لڳايا ان کان پوءِ بئنڪن کي قرض ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو. عمران خان چيو ته هاڻ وچولو ۽ غريب طبقو گهر ٺاهي سگهندو. پهريان هڪ لک گهرن لاءِ حڪومت 3 لک روپيه سبسڊي ڏئي رهي آهي. بئنڪن وٽ 226 ارب روپين جي قرض لاءِ درخواستون آيون آهن جن مان 90 ارب رپين جو قرض منظور ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button