پاڪستانسنڌ

شهيد الطاف جسڪاڻي جو خون رائيگان نه ويندو،قاتل ڦاسي چڙهندا:قادر مگسي

ٽنڊوالهيار:ايس ٽي پي سربراهھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته شهيد الطاف جسڪاڻي جو خون رائيگان نه ويندو، قاتل سلاخن پويان آھن، هڪ ڏينهن قاتل ضرور ڦاسي چڙهندا. ڪالهه ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي پهرين ورسي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته الطاف جسڪاڻي هميشه مسڪين غريب ماڻھن جو ڀرجهلو رهيو هو، هر وقت قومي تحريڪن ۾ اڳئين صف ۾ رهيو. هن چيو ته سنڌ جي قومي سياست ۾ ايس ٽي پي جو ميڊيا ٽرائيل ٿي رهيو آھي، پارٽي جي آبياري شهيدن جي رت سان ٿي رهي آھي. هن چيو ته اسان قومي طور تي منتشر ٿيل آھيون، اسان کي اتحاد جي ضرورت آھي. هن چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي کي ليڊر ٿيڻ جو شوق ناهي سنڌ خاطر آئون پوئين سيٽ تي ويهڻ لا تيار آھيان. هن وڌيڪ چيو ته ناظم جوکيو ۽ فهميدا سيال جي قتل سردارن جو مڪروهھ چهرو واضح ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياست نالي جي ڪا شي ناهي رهي، ملڪ جي قسمت جا فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌ ٿي رهيا آھن. هن چيو ته پاڪستان کي نه سنڌ مان خطرو آهي نه بلوچستان مان پر پاڪستان کي وڏو خطرو اسلام آباد مان آھي. ورسي تقريب کي شهيد الطاف جسڪاڻي جي نياڻي وينجهار جسڪاڻي، گلزار سومرو، روشن ٻرڙو، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، ذيشان جسڪاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button