پاڪستانعالمي

اسان کي سزا ۽ 60 ارب ڪرپشن ڪندڙ جي آجيان، اهڙي انصاف جو ڪير احترام ڪندو؟ نواز شريف

مسلم ليگ (ن) جي تاحيات سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ٽوئيٽر تي سوال پڇندي چيو آهي ته اسان کي سزا ۽ 60 ارب رپين جي ڪرپشن ڪندڙ جو استقبال ڪيو وڃي ٿو، اهڙي عدل ۽ انصاف جو ڪير احترام ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نواز شريف چيو ته پٽ کان ڪجهه هزار درهم پگهار نه وٺڻ تي مون کي نااهل ڪرائي جيل ۾ ڦٽو ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي پاسي هڪ ثابت ٿيل ڪرپٽ انسان کي صادق ۽ امين بڻائي الله جي آخري رسول جي مقام ۽ درجي جي توهين ڪئي وئي، 60 ارب رپين جي ڪرپشن ڪندڙن جي آجيان ڪن ٿا، اهڙي انصاف جو احترام ڪير ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button