پاڪستانسنڌ

ميرپورماٿيلو واسي صحافي نصرالله گڏاڻي گرفتار، حيدرآباد جيل منتقل

ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي: ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي پوليس ايم پي او آرڊيننس 1960 تحت گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ نصراللہ گڏاڻي جي ڀا محمد بخش ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل رات ڀا کي ايس ايس پي گهوٽڪي پاڻ وٽ گهرائي حيدرآباد پوليس حوالي ڪيو آهي. هوڏانهن نصرالله گڏاڻي جي گرفتاري بعد آ جي پوليس غلام نبي ميمڻ پاران گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي لکيل خط به سامهون اچي ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صحافي نصرالله گڏاڻي ماڻهن کي روڊ بلاڪ ڪرڻ لا اڪسائي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ڄاڻايل آرڊيننس تحت هڪ مهيني لا گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو وڃي، جنهن بعد پوليس صحافي کي هڪ مهيني لا حيدرآباد سينٽرل جيل حوالي ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ، ايڊووڪيٽ نديم ملاڻو، شاهد لغاري، شهريار مرڻاس ۽ بخت مرڻاس جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button