سنڌ

يوٽونگ جيتريون بسون ٺاهيندي سنڌ حڪومت خريد ڪندي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اڄ ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چيو ته يوٽونگ ماسٽر ڪمپني سنڌ ۾ پنهنجي پلانٽ ۾ جيتريون به بسون ٺاهيندو، سنڌ حڪومت اهي سموريون خريد ڪندي ۽ سنڌ جي هر ضلعي ۽ علائقي ۾ پيپلز بس سروس جو نيٽ ورڪ وڌايو ويندو. ان موقعي تي يوٽونگ ماسٽر بس ڪمپني پاران اطلاعات واري وزير کي ڊيزل اليڪٽرڪ هائبرڊ بس جي چاٻي ڏني وئي. يوٽونگ ماسٽر ڪمپني جي سهڪار سان منعقد تقريب ۾ يوٽونگ ماسٽر ڪمپني جي چائنيز آفيسرن، ماسٽر آٽو موبائيل ڪمپني جو نديم ملڪ، اين آر ٽي سي ڪي گل حسن، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو سنڌ پهريون صوبو آهي، جتي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪئي وئي. جديد ٽيڪنالاجي واريون بسون متعارف ڪرايون ويون. عورتن لاءِ هڪ جديد پنڪ بس سروس شروع ڪئي وئي آهي. جنهن کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي آهي. هن چيو ته جنهن رفتار سان آٽو موبائيل ٽيڪنالاجي ترقي ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت ان ترقي جو ثمر عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيپلز بس سروس جو ڀاڙو موٽر سائيڪل تي سفر ڪرڻ کان سستو آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ 9 مئي تي جنهن طريقي سان پيپلز بس سروس جي ٽن بسن کي بيدردي سان ٽوڙيو ويو ۽ هڪ بس کي باهه ڏني وئي اها اصل ۾ عوام کي سهولتن کان محروم ڪرڻ جي سازش آهي ۽ عوام جي ٽيڪس جي پئسي سان. خريد ڪيل بسن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته انهن بسن کي نقصان پهچائڻ وارن کان قانون موجب ڪارروائي ڪري پئسا وصول ڪيا ويندا. هن چيو ته بني گالا جي عاليشان بنگلن ۾ رهندڙ ماڻهو انهن بسن ۾ سفر نٿا ڪن، پر پورهيت ماڻهن لاءِ اها سفري سهولت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي سنڌ حڪومت حفاظتي ضمانت فراهم ڪندي ۽ مستقبل ۾ ڪنهن کي به اهڙو بزدلاڻو عمل ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي. ان موقعي تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته جن ماڻهن کي مصنوعي ڦُوڪڻي ۾ انجيڪشن لڳائي آندو ويو، انهن مان هوا نڪري رهي آهي، اهي ماڻهو هاڻي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي رهيا آهن. هن چيو ته مون وٽ وڊيو ثبوت آهن ته ساڙڻ ۽ گھيرا ۾ پي ٽي آءِ جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي پاڻ ملوث آهن. هن چيو ته 9 مئي سانحي جي جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان به ڪيترن ئي سالن کان پيشيون ڀوڳي رهيا آهيون پر اسان کي ڪنهن به “گڊ ٽوسي يوي” نه چيو آهي. مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪير هوندو جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو سوال اپوزيشن کان پڇو. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جي مخالف ڌر جي اڳواڻ ٽرانسپورٽ کاتي جي زمين تي قبضا ڪري اتي مينهون ٻڌيون آهن. اها زمين خالي ڪرائي ان تي ٽرانسپورٽ کاتي جو بس ڊپو تعمير ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت بسن کي پارڪ ڪرڻ لاءِ 11 ايڪڙ ۽ 4 ايڪڙ زمين تي ٻه بس ڊپو ٺاهيا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي وڌيڪ بس ڊپو ٺاهيا ويندا. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بدتميزي جو ڪلچر ختم ڪيو وڃي. هاڻي وقت آهي گڏيل احترام، ادب، آداب ۽ ثقافتي قدرن کي فروغ ڏيڻ جو ۽ پاڪستان جا سمورا ماڻهو گڏجي انهن قدرن جي فروغ لاءِ اڳتي وڌندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button