اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي وزارت جي معاملن ۾ بهتري لاءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته پرڏيهي وزارت جي معاملن ۾ بهتري لاءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن. “شيئر پاڪستان پورٽل” جي ذريعي عالمي سطح تي پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ٿيندو ۽ عوامي ۽ اداراجاتي سفارتڪاري ۾ بهتري ايندي. ڪالهه اربع ڏينهن “شيئر پاڪستان پورٽل” جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته جڏهن کان مون پاڪستان جي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀاليو آهي، اسان محسوس ڪيو ته اسان جي انتظاميا کي پيراڊائم شفٽ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته اسان انتظامي سڌارن ذريعي پنهنجي مينڊيٽ کي موثر طريقي سان ادا ڪرڻ جي وزارت جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ جي عزم طور “پرڏيهي وزير جي تبديلي جا انتظامي قدم” جي حصيداري ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي آفيس سان گڏوگڏ پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي مشنز جي سمورن فنڪشنز جي سلسلي جي ماهرن جي هڪ ٽيم کي مختلف ڪمن بشمول انساني وسيلن، ماليات، لاجسٽڪس، ڪميونيڪشن، قونصلر، پروٽوڪول اينڊ ڪميونٽي سروسز، ڊيجيٽلائيزيشن، قاعدن، پاليسين ۽ طريقيڪار ۾ آساني بابت ڪيترن ئي سڌارن تي غور فڪر ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي “چينج مئنيجمينٽ انيشي ايٽو” جو مقصد ورڪ ڪلچر کي ترقي ڏيڻ آهي جيڪو نتيجن ۽ بهتر پيداواري صلاحيت، جدت طرازي ۽ فيصلا سازي کي ڪارڪردگي جي ويجهو آڻڻ تي وڌيڪ مرڪوز آهي. اسان جي افرادي قوت ۽ پاڪستان جا قابل سفارتڪار اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون “چينج مئنيجمينٽ انيشي ايٽو” بابت هڪ جامع رپورٽ جاري ڪرڻ جو منتظر آهيان جيڪا اسان جي سفارتي خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي جيڪا جديد دنيا جي نئين حقيقتن ۽ چئلينجن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ بهتر طريقي سان ليس هوندي. هن چيو ته منهنجي “تبديلي جي انتظام جا قدم” جو هڪ اهم ٿنڀ وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي سفارتي مشنز جي وچ ۾ هموار رابطو هوندو. هن چيو ته شيئر پاڪستان ان قدم تحت شروع ڪيو ويندڙ پهريون منصوبو آهي ۽ ٽارگيٽيڊ ڪميونيڪشن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ هڪ محرڪ طور ڪم ڪندو. ان کي پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ ان جي سفارتي پوسٽن جي وچ ۾ عوامي سفارتڪاري جي دائري ۾ معلومات جي حصيداري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button