پاڪستانسنڌ

ٿر ضلعي لا اميدوارن جا نالا فائنل، غلام حيدر سميجو ٻيهر ضلعي چيئرمين نامزد

مٺي: پ پ قيادت ٿر ضلعي جي هڪ ضلعي ڪائونسل، هڪ ميونسپل مٺي ۽ 5 ٽائون ڪميٽين لا چيئرمين ۽ نائب چيئرمين لا اميدوارن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ زرداري هائوس ڪراچي ۾ فريال ٽالپر، نثار احمد کهڙو ۽ ضيا حسين لنجار جي صدارت هيٺ ٿرپارڪر ضلعي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٿر ضلعي جي هڪ ضلعي ڪائونسل، هڪ ميونسپل ڪميٽي ۽ پنج ٽائون ڪميٽين تي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن لا اميدوارن جا نالا فائنل ڪري سندن نالن واري لسٽ جاري ڪئي وئي. اجلاس ۾ موجود ذريعن ۽ جاري ڪيل لسٽ موجب ٿر جي ضلعي ڪائونسل لا اڳوڻي ناظم ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو کي هڪ دفعو ٻيهر چيئرمين ۽ پ پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ ڪملا ڀيل کي وائيس چيئرپرسن نامزد ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. ساڳي طرح ميونسپل ڪميٽي مٺي لا اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر منوج ملاڻي کي ٻيهر چيئرمين نامزد ڪيو ويو، ساڳي ميونسپل ڪميٽي تي ليڊيز ونگ اڳواڻ سمترا منجياڻي کي وائيس چيئرپرسن نامزد ڪيو ويو. جڏهن ته اسلام ڪوٽ ٽائون ڪميٽي لا اڳوڻي چيئرمين ڪمل ڪمار عرف ڪمليش لهاڻي کي چيئرمين ۽ انيل ميگھواڙ کي وائيس چيئرمين نامزد ڪيو ويو. کيمي جو پار ٽائون ڪميٽي لا ممتاز عنايت راهمون کي چيئرمين ۽ ناٿو خان راهمون کي وائيس چيئرمين نامزد ڪيو ويو ۽ ڇاڇرو ٽائون ڪميٽي تي چيئرمين لا مرتضى بجير، وائيس چيئرمين لا محمد ايوب مڱريو کي نامزد ڪيو ويو. ڏيپلو ٽائون ڪميٽي تي وڏيري نواز جوڻيجي کي چيئرمين ۽ ميٺارام ميگھواڙ کي وائيس چيئرمين نامزد ڪيو ويو. ٽائون ڪميٽي چيلهار تي بهاري لال ميگهواڙ کي چيئرمين ۽ محمد عرس ڪنڀار کي نائب چيئرمين نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله، ضلعي صدر انجنيئر گيانچند، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، پير امير علي شاهه جيلاني، ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، فقير شير محمد بلالاڻي، سريندر ولاسائي، دوست علي راهمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button