پاڪستانسنڌ

سي ڪلاس قرار ڏنل پارس شاهه ڪيس جو مک جوابدار گرفتار، قتل جو اعتراف

سانگهڙ: سانگهڙ پوليس حيدرآباد جي علائقي ۾ سيد ماڪن شاهه جي قتل ٿيل پٽ پارس شاهه جي ڪيس ۾ مک جوابدار کي تلهار مان گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ديدار شاهه قتل جو اعتراف ڪندي قتل جو ڪارڻ ۽ ٻين جوابدارن جا نالا به ٻڌائي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ سانگهڙ جي ايس ايس پي بشير احمد بروهي پنهنجي آفيس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته حيدرآباد جي علائقي ڀٽائي نگر جي رهواسي سيد پارس شاهه پٽ ماڪن شاهه جو 5 نومبر کان 8 نومبر 2022ع تائين وارثن ۽ دوستن سان رابطو نه ٿيڻ بعد پارس جو ڀا سندس گهر پهتو ته کيس گهر مان ڌپ آئي، وارثن گهر اندر ڏٺو ته پارس جو رت ۾ ٻڏل لاش پيل هو ۽ سامان پکيڙيل هو، واقعي جو ڪيس سندس ڀا سلمان شاهه جي فرياد تي ڀٽائي نگر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، واقعي جي جاچ ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس آئي پي الهه بچايو کي ملي، 26 جنوري 2023ع تي ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاهه واقعي جي جاچ ڊي ايس پي سراج لاشاري کي ڏني، جنهن 5 اپريل تي ڪيس جي رپورٽ ۾ موت قدرتي ڄاڻائيندي ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو. جنهن بعد وارثن اعلى عملدارن کي درخواست ڏني، جنهن بعد آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪيس جي ٽيون ڀيرو انويسٽيگيشن سانگهڙ پوليس کي ڏني، سانگهڙ پوليس طرفان ڊي ايس پي آصف آرائين جي اڳواڻي ۾ 6 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي، ڪميٽي جديد ٽيڪنالاجي ۽ تجربو رکندڙ آفيسرن جي مدد سان مختصر عرصي ۾ جاچ دوران اصل حقيقتن تائين پهچي ۽ سي ڪلاس قرار ڏئي بند ڪيل بلائينڊ مرڊر ڪيس ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته جاچ ۾ ثابت ٿيو ته پارس شاهه 5 نومبر کان 8 نومبر 2022ع تائين گهر ۾ اڪيلو هو ۽ پارس جي قتل ۾ سندس زال امام زادي عرف فرزانه، سالو ديدار شاهه ۽ ماسات اسرار شاهه ملوث آهن، پوليس اهم ۽ مک جوابدار سيد اسرار شاهه کي بدين ضلعي جي شهر تلهار مان گرفتار ڪري ورتو، جنهن جاچ دوران اعتراف ڪيو ته مقتول جي زال فرزانه پنهنجي مڙس پارس کان جان ڇڏائڻ چاهي پئي ۽ مون سان شادي ڪرڻ چاهي پئي، فرزانه جي چوڻ تي مون ۽ ديدار شاهه هم صلاح تي مقتول مٿان سندس گهر ۾ منجهند جي وقت 5 نومبر 2022ع تي داخل ٿي منصوبابندي تحت قاتلاڻو حملو ڪيو، جنهن دوران ديدار شاهه پارس کي ٺونشا هنيا ۽ اسرار شاهه ڪولڊ ڊرنڪ جي پوتل مٿي ۾ هڻي ڪڍي، جنهن سبب پارس مرڻينگ ٿي پيو ۽ سندس رت وهڻ شروع ٿي ويو، اسرار شاهه پارس مٿان بيٺل رهيو ۽ ديدار شاهه گهر مان سونا زيور، رقم، ليپ ٽاپ، موبائل فون ۽ ٻيو ضروري سامان کنيو ۽ اسان فرار ٿي وياسين. ايس ايس پي صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار اسرار شاهه کانپو هاڻ فرزانه ۽ سندس ڀا ديدار شاهه کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، جنهن لا ماتلي ۽ تلهار ۾ ڇاپا هڻي رهيا آهيون. هن ان موقعي تي بهترين ڪاڪردگي ڏيکارڻ تي پوليس ٽيم لا انعام ۽ شاباشي جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button