پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بند پيل ٻن ملن تي ڇاپا، ڪڻڪ جون 5 هزار ٻوريون هٿ

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ڪڻڪ جو هدف پورو ڪرڻ لا اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص غلام حسين ڪانهيو ۽ فوڊ کاتي جي عملدارن مير ڪامران ٽالپر، جواد ميمڻ، عرفان کهاوڙ ۽ سلطان کوسو جي اڳواڻي ۾ چنديجا فلورمل ۽ سنڌڙي فلور مل تي ڳجهي اطلاع تي ڇاپا هنيا ويا، جنهن دوران چنديجا فلور مل مان 3000 ڪڻڪ جون ٻوريون ۽ سنڌڙي مان 2500 ٻوريون هٿ ڪري ٻنهي ملز کي سيل ڪيو ويو. ان موقعي تي اي سي غلام حسين ڪانهيو ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو آھي، وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ موجود ھئي. سنڌڙي ۽ چنديجا فلور ملون ڪيتري ئي عرصي کان بند آهن، ملن مان هٿ ڪيل ڪڻڪ ضبط ڪئي وئي آهي، جيڪا سرڪاري گدامن تي جمع ڪرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button