اسلام آبادپاڪستان

9 مئي حملي جون پاڙون عمران نيازي جي تقريرن ۾ لڪل آهن:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته رياست ۽ حساس ملڪيتن تي حملي جون پاڙون عمران نيازي جي هڪ سالن جي تقريرن ۾ لڪل آهن.پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران نيازي سياست کي مذهبي رنگ ڏئي حق ۽ باطل جي جنگ قرار ڏنو، عمران نيازي هٿياربند فوج ۽ موجوده آرمي چيف کي بدنام ڪيو. هن چيو ته عمران نيازي جو مقصد تشدد تي اڪسائڻ هو، جنهن جو اسان 9 مئي تي مشاهدو ڪيو، 9 مئي تي رياست ۽ ان جي علامتن ۽ حساس ملڪيتن تي حملا ٿيا، 9 مئي جي باغي حملي جون پاڙون عمران نيازي جي هڪ سال جي تقريرن ۾ لڪل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button