اوٻاوڙو: رات دير سان دايا پاڙي جو رھواسي نوجوان تنوير احمد دايو، چاچو ڀائٽيو قيصر ماڇي ۽ راجا ماڇي زهريلو ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويا، جڏهن ته نوجوان سهيل سمون کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارث اسپتال کڻي وڃي رھيا ھئا ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کان پو زھريلو شراب پيئڻ سبب فوتين جو انگ وڌي چار ٿي ويو. ٻئي پاسي چار ئي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ گهرڀاتين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. ان حوالي سان فوتين جي وارثن پنهل ماڇي، گلشير ماڇي ۽ محمد آغا ماڇي احتجاج ڪندي چيو ته شهر ۾ سرعام منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن، پر پوليس رشوت عيوض خاموش آهي، پوليس جي نااهلي سبب اسان جي نوجوانن جون جانيون ويون آهن، اسان جو منشيات فروشن خلاف ڪيس به داخل نه ڪيو ويو آهي. هنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي کان منشيات فروشن خلاف آپريشن جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close