پاڪستانسنڌ

عمرساند ۾ بٺي تي ڇاپو، 150 لٽر شراب هٿ، 2 جوابدار گرفتار

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجهو عمرساند پوليس ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب ۽ شراب ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪيو. ايس ايڇ او شوڪت ملوڪاڻي جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽيم سب انسپيڪٽر آفتاب عباسي ۽ ٻين ڳجهي اطلاع تي ٽنڊو سومرو ويجهو ڳوٺ مائو پٽيل ۾ ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي 150 ليٽر ڪچي شراب سميت ٻيو سامان هٿ ڪري 2 ڄڻن پوپٽ ۽ ڀيمون ڪولهي کي گرفتار ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو. ايس ايڇ او عمرساند چيو ته ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سليم شاھه جي هدايتن تي منشيات فروشن خلاف آپريشن جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button