پاڪستانسنڌ

بااثر ماڻهن رقم ڦٻائي تشدد ڪيو آهي:مرپورخاص واسي شوروم مالڪ

ميرپورخاص: ميرپورخاص جي علائقي لالچند آباد جي رهواسي محمد شعيب ناگوري ۽ سندس ڀا غلام محمد پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جو ڪارن جو شوروم آهي، بااثر عامر شيخ ڪار قرض تي ورتي هئي، جنهن لا 3 لک جو چيڪ ڏنو هو، جنهن مان هڪ لک رپيا ڏنا هئا، 3 ڏينهن اڳ پنهنجي بقايا پئسن جي گهر ڪئي ته عامر شيخ، مظهر شيخ ۽ ٻين اسان تي بدترين تشدد ڪري زخمي ڪيو، جنهن سبب منهنجي نڪ جي هڏي ڀڄي پئي آهي، اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو، پر پوليس بااثرن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان تي اين سي داخل ڪري ڇڏي. ايس ايڇ او سيٽلائٽ ٽائون غازي راڄڙ ٿاڻي تي گهرائي اسان جي کيسي مان 21 هزار روڪ رقم ۽ 2 موبائل فون ڪڍي ورتا، جيڪو ظلم آهي. هنن ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته بااثر ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري ايس ايڇ او کي هٽائي رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button