پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ شادي کان انڪار تي شاگردياڻي تي تيزاب سان حملو

ٽنڊوآدم : ٽنڊوآدم ۾ شادي کان انڪار ڪرڻ تي جوابدار شاگردياڻي تي تيزاب هاري ڇري سان زخمي ڪري فرار ٿي ويو. متاثر ناري ما سان گڏجي احتجاج ڪيو. رپوٽ موجب ٽنڊوآدم جي جمن شاھه جي علائقي بڙدي پاڙي ۾ جوابدار شادي کان انڪار ڪرڻ تي مرحوم طاهر سومرو جي گهر ۾ داخل ٿي سندس نائين ڪلاس ۾ پڙھندڙ سندس 16 ورهين جي ڌي شاگردياڻي مسڪان سومرو تي تيزاب هاري ڇري سان حملو ڪري سندس ٻانهن زخمي ڪري وڌي، تيزاب سبب مسڪان جو 20 سيڪڙو جسم متاثر ٿيو، ڇوڪري جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويو، جنهن بعد ناري کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان سلسلي ۾ ناري مسڪان سومرو پنهنجي ما اسما سومرو سان گڏ پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو احتجاج ڪيو. هن دانهيندي چيو ته جوابدار نويد عرف راجو سومرو مون کي شاديءَ لاءِ اڪثر تنگ ڪندو رهندو آهي، اسڪول ويندي پيڇو ڪري هراسان ڪندو آهي، شاديءَ کان انڪار تي اڳ ڌمڪيون ڏنيون ۽ اڄ گهر ۾ داخل ڇري سان حملو ڪري منهنجي ٻانهن زخمي ڪري وڌي ۽ منهن تي تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جا ڪجھه ڦڙا مونکي لڳا آھن ۽ جسم سڙيو آهي. واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آھي، پر اڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي. جوابدار مان جان جو خطرو آھي. هن ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button