اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف فنڊن جي استعمال بابت وضاحت ناهي گهري:ناڻي وزارت

اسلام آباد :ناڻي واري وزارت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران اسٽاف سطح تي معاهدي ۾ دير ٿيڻ جي خبرن کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ڪجهه قومي اخبارن ۾ خبر پئي آهي ته آءِ ايم ايف معاهدي تي صحيحن ۾ دير جو سبب اهو آهي ته آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت کان اها خاطري چاهي ٿو ته اهي فنڊ سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيا ويندا. ان حوالي سان ناڻي واري وزارت واضح ڪيو آهي ته اِها خبر ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي ڇو ته آءِ ايم ايف ڪڏهن به حڪومت سان اهڙي ڪا به خدشن جو اظهار نه ڪيو آهي ۽ نه ئي بجيٽ ذريعي پارليامينٽ جي منظوري کانسواءِ ڪو به فنڊ جاري ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button