اسلام آبادپاڪستان

مذمتي ڊرامن سان عمران خان جي جان نه ڇٽندي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان عورت جي تصوير، آرٽيفيشل انٽيليجنس سان جنريٽ ڪرائي، پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي شيئر ڪئي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي توهين جو نشانو بڻايو، اصل ۾ اهڙو ڪو به واقعو پيش ئي نه آيو، هي شخص رڳو ڪوڙ ئي ڳالهائي ٿو، جيڪڏهن انساني حق پائمال ٿيا ته اهي عمران خان جي هٿان ٿيا. عمران خان منصوبابندي سان پاڪستان جي رياست تي حملي آور ٿيو، 9 مئي جي سانحي تي سڄي قوم ڏکويل آهي. ايئن ڪڏهن دشمن به نه ڪيو، مذمتي ڊرامن سان عمران خان جي جان نه ڇٽندي، هن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان هر روز ڪو نه ڪو تماشو ڪري ٿو ۽ ڌمڪي ڏئي ٿو، پهريون ڀيرو هن کي خبر پئي ته قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻ ڇا ٿيندو آهي، عمران خان 14 مهينا زمان پارڪ ۾ تماشو لڳائيندو رهيو. هن چيو ته عمران خان فارن فنڊنگ، توشا خانا جي چوري ۽ پنهنجي ڌيءَ ٽيريان جي ڪيسن کان بچڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي هئي، ته ڪهڙي ڪهڙي جاءِ تي حملي آور ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي تي سانحو ٿيو ۽ وري19 مئي تي مذمت ڪئي جيڪو پنهنجي گناهن تي پردو وجهڻ لاءِ ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته عوام دهشتگردي تي ڀرپور رد عمل ڏنو. عمران خان جا دهشتگرد زمان پارڪ ۾ موجود آهن. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان قومي ناڻو نه لٽيو ته تلاشي ڏئي، پر هي قانون کي جواب ڏيڻ بدران جهيڙن جهٽن تي لهي آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button