پاڪستانپنجاب

فوجي هنڌن تي حملو ڪندڙن سان دشمنن جهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو:خواجا آصف

سيالڪوٽ : بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فوجي هنڌن تي حملو ڪندڙن سان ساڳيو ورتاءُ ڪيو ويندو جيڪو قانون مطابق پاڪستان جي دشمنن سان ڪيو وڃي ٿو. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان ڪنهن جا به بنيادي حق نه پيا کسيون، قانون جو استعمال سياسي مقصدن لاءِ نه ٿيندو. مان ڪنهن جي حب الوطني تي شڪ نه ٿو ڪريان پر 9 مئي تي آرمي هنڌن تي حملو ڪندڙن جي نيت ۽ ان جي هن مٽي سان رشتي تي سواليا نشان نظر اچي ٿو. هن چيو ته پي ٽي آئي قيادت ادارن کي ٽارگيٽ ڪري رهي آهي، عمران خان ٻين ملڪن کي به شامل ڪري رهيو آهي. پاڪ فوج جون قربانيون اسان جي تاريخ جو روشن حصو آهن. پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان محبت ڪري ٿي، هي وقت آهي ته سموري قوم گڏجي پاڪ فوج سان ٻڌي جو اظهار ڪري ۽ هن رشتي کي مضبوط بڻائي. هن چيو ته هڪ شخص رڳو اقتدار لاءِ اثاثن تي حملو ڪيو، ايئربيس تي حملو دشمن ڪندو آهي ڪو محبت وطن قومي اثاثن تي حملو نٿو ڪري سگهي. سياستدانن وٽ اقتدار ايندو ويندو آهي پر اسان ڪڏهن به پاڪ فوج سان پنهنجي رشتي تي سواليا نشان ناهي بڻايو. هن چيو ته قانون مطابق بنيادي حقن جي حفاظت ڪئي پئي وڃي، حملي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button