پاڪستانسنڌ

الهه ورايو بهڻ سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪردار آهي:تاج جويو

سانگهڙ: سانگھڙ جي تاريخ جو اھم ڪردار الھه ورايو بھڻ سنڌ جي تاريخ جو اھم ڪردار آهي، جنهن سموري حياتي معاشري جي ڀلائي لاءِ بسر ڪئي. اھڙو اظهار سانگهڙ جي مٽي مان ڳوھيل الھه ورايو بھڻ، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري تاج جويو، عزيز گوپانگ، منظور ٿھيم، علي بخش مھر،استاد نظاماڻي، ڊاڪٽر ھاشم خاصخيلي، سنيل ڪمار، اسلم ميمڻ، مبين وساڻ، مير محمد نظاماڻي، عباس لسڪاڻي، امر لغاري، عاجز منگي، يعقوب بروهي، صابر مھر، ولي محمد خاصخيلي، غلام حيدر خاصخيلي ۽ ٻين سنڌ جي نامور اديب شاعر ليکڪ دانشور حر ڪئمپ جي معصوم قيدي ڌرتي جي عاشق الھه ورايو بھڻ سان سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول پاران رھاڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھنن چيو ته الهھ ورايو بھڻ وطن جي آزادي واري تحريڪ جو ھڪ اھم فرد آهي، جنهن پنهنجو ٻالڪپڻ انگريز فوج جي لانگ بوٽن جي ڇانوَ ۾ حر ڪئمپن ۾ گذاريو، سانگهڙ جا اڪثر اديب، دانشور، شاعر ۽ ليکڪ سندس شاگرد آھن. الھه ورايو بھڻ سانگهڙ جي مظلوم ماڻهن جو ڪيس سدائين بھترين نموني وڙهيو آهي. چوٽياريون ڊيم جي تعمير روڪڻ ۽ متاثرن جي حقن لاءِ سندس ڪيل جدوجهد تاريخ جو حصو آهي، حر تحريڪ تي جيڪو اڄ تحقيقي ڪم ٿيو آهي ۽ ٿئي پيو، ان ۾ الهھ ورايو بھڻ جو اھم حصو آهي. آخر ۾ ادبي سنگت شاخ جھول پاران الھه ورايو بھڻ کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو، تاج جويو پاران الھه ورايو بھڻ کي شھيد سورھيه بادشاهه ايوارڊ ڏنو ۽ کيس مجسم سنڌ جو لقب ڏنو، ادبي سنگت مرڪز پاران پريس ڪلب سانگهڙ جي اڳوڻي صدر نامياري ڪھاڻيڪار شھيد آفتاب نظاماڻي کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button