پاڪستانسنڌ

اڇڙي ٿر ۾ گهر کي باهه، 4 معصوم ڀائر ۽ ڀينرون سڙي فوت

کپرو: اڇڙي ٿر ۾ هنيانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 معصوم ڀائر ۽ ڀينرون سڙي فوت ٿي ويون. ڳوٺ سنجر جو تڙ ۾ اوچتو گهر کي باهه لڳي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي گهر کي وڪوڙي وئي، جنهن سبب 4 معصوم ڀائر ۽ ڀينرون اصغر، انور، مريم ۽ سلطاني راڄڙ سڙي فوت ٿي ويا، سندس پي محمد بچل راڄڙ زخمي ٿي پيو، جنهن کي فورن کڻائي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان کيس حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، اطلاع باوجود انتظاميا فائربرگيڊ گاڏي نه اماڻي، باهه لڳڻ جي اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي باهه وسائي. ٻئي طرف هڪ ئي گهر ۾ 4 ٻارن جي فوت ٿيڻ تي سڄي ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار آهي. باهه لڳڻ دوران گهر ۾ پيل سمورو سامان به سڙي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button