پاڪستانسنڌ

نصرپور ۾ بيروزگاري سبب نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

ٽنڊوالھيار: نصرپور ۾ بيروزگاري کان تنگ اچي نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي. نصرپور شھر ۾ ڪاشيگر پاڙي جي 25 سالن جي رھواسي جمعون ولد ميوو ڀيل مبينا طور پنھنجو پاڻ تي پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان جمعون جي والد چيو ته بيروزگاري سبب منھنجو پٽ اڪثر پريشان رھندو ھو، ھن بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ضروري ڪارروايئي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته ايس ايڇ او نصرپور جو چوڻ ھو ته نوجوان جي وارثن وٽان جيڪا تفصيل ملي آھي ته نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪئي آھي، اسان معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button