پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ ملڪيت تي قبضي خلاف پورهيت ڀائرن جو احتجاج

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت جي پورهيت ٻن ڀائرن منور ناريجو ۽ جهانگير ناريجو پنهنجي ڀيڻ ناهيد ناريجو سان گڏ پاڪتاب کڻي صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هنن روئيندي دانهيو ته پيءُ جي مورثي مليڪيت تي بااثر مائٽ ۽ چاچا سرفراز ناريجو، احمد ۽ نجيب ناريجو سالن کان قبضو ڪري ويٺا آهن، حق گهرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، قبرستان ڀرسان پي جي نالي پلاٽ آهي، جيڪو پڻ نه پيو ڏنو وڃي، بااثر مائٽ شهر جي ڪجهه سياسي ۽ سماجي ماڻهن کي اڳيان آڻي قبرستان تي قبضي جو الزام لڳرائي اسان پورهيتن مٿان پي جي ملڪيت تي قبضي جو ڪوڙو الزام لڳائي ڪوڙا احتجاج ڪرائي حراسان ڪري رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ روينيو کاتي جي اعلى آفيسرن کان معاملي جو نوٽيس وٺي حق ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button