پاڪستانسنڌ

هاڻوڪي آدمشماري 2017ع واري کان وڌيڪ خراب، 3 ڪروڙ آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي: تاج حيدر

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته هاڻوڪي آدمشماري 2017ع واري آدمشماري کان به وڌيڪ خراب آهي، سنڌ جي آبادي 3 ڪروڙ گهٽ ڏيکاري وئي آهي. هو وومين ايڪشن فورم پاران”ڊجيٽل آدمشماري؛ سنڌ جا اعتراض ۽ مستقبل جو منظرنامو” جي عنوان هيٺ خانا بدوش رائيٽرز ڪيفي ۾ ڪرايل ويهڪ ۾ ڳالهائي رهيو هو. تاج حيدر چيو ته ڪهڙي قانون تحت وڙهي ڪري ڪراچي لاءِ آدمشماري جي ڏينهن ۾ واڌ ڪئي وئي، هڪ سازش تحت سنڌ ۾ خاندانن جي سائيز گهٽائي وئي آهي، بيورو آف اسٽيٽڪس سنڌ ۽ پاڪستان جي يونيسيف جي نگراني هيٺ ٿيل ملٽي انڊيڪيٽر سروي موجب 6 پوائنٽ 4 سيڪڙو خاندان جي سائيز آهي، ان فيملي سائيز مطابق پڻ سنڌ جي آبادي 8 ڪروڙ 51 لک کان وڌيڪ ٿي وڃي ٿي، هن آدمشماري ۾ سنڌ جي 3 ڪروڙ آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 43 هزار 748 آدمشماري جي لاءِ بلاڪ ٺاهيا ويا آهن، قانون موجب هر بلاڪ ۾ اڍائي سئو خاندان هجڻ گهرجن، جيڪڏهن رڳو انهن بلاڪن کي جي حساب سان انگن اکرن کي ڏٺو وڃي ته سنڌ جي آبادي ڪيتري ٿي وڃي ٿي، هاڻوڪي آدمشماري 2017ع واري آدمشماري کان به وڌيڪ خراب آهي، موجوده آدمشماري تحت ڏيکاريل انگن اکرن تحت وفاق کان اين ايف سي مد ۾ جاري ٿيندڙ رقم 40 سيڪڙو گهٽ ملندي، بلوچستان ۾ به آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، تنهن ڪري بلوچستان ۽ اسان کي نتيجا قبول نه آهن، ٽي وي چئنلن تي سڄو بحث پنجاب جي صورتحال تي ٿي رهيو آهي، آدمشماري تمام وڏو مسئلو آهي، پر اهو ميڊيا تان غائب آهي. هن چيو ته آدمشماري ۾ گهٽتائي ڪرڻ سان سنڌ جي حقن جي خلاف ورزي ٿيندي، آدمشماري جو حال اهو آهي ته ڪيترن ئي تڪن ۾ ووٽر جو تعداد آبادي کان گهڻو رهيو آهي، سنڌ تي آدمشماري جي نالي تي وڏي مصيبت آندي وئي آهي، سمورن سنڌين کي ان لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ماڻهن جي ڳڻپ جا 2 طريقا آهن هڪ ڊفيڪٽو طريقو جنهن ۾ ماڻهو جتي آهن اتي ڳڻيا ويندا، ٻيو طريقو اهو آهي جيڪو 2017ع ۾ اختيار ڪيو ويو ته توهان ڪٿان به آيا آهيو پر جتي رهو پيا اتي توهان کي نه ڳڻيو ويندو، سنڌ ۾ ٻين صوبن مان ماڻهو اچي رهيا آهن، سنڌ تي تمام گهڻو بار پئجي رهيو آهي، ان ڪري اسپتالن جي حالت به سڀني جي سامهون آهي، پر سنڌ جي اسپتالن جي صورتحال بهتر آهي، ٻين صوبن مان سنڌ ايندڙ ماڻهن جو تعداد روز وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي نه ڳڻڻ جي ڪري 2017ع واري آدمشماري ۾ اسان جي آبادي ۾ تمام گهڻو فرق پيو، سنڌ ۾ غير قانوني ايندڙ ماڻهن جو به وڏو تعداد آهي، جيڪو تمام وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته انگن اکرن کي ڪيئن درست ڪري سگهجي ٿو ان جي لاءِ ڪجهه طريقا موجود آهن، نادرا جي ذريعي آبادي جا انگ اکر ملي سگهن ٿا، ٻيو طريقو اهو آهي ته ملٽي انڊيڪيٽر سروي ۾ اصل صورتحال سامهون اچي سگهي ٿي، اها سروي يونيسيف ڪرائيندو آهي ۽ اهو دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندي آهي، ان ۾ سئو کان وڌيڪ انڊيڪيٽرس موجود هوندا آهن، اسان ان سروي مان خاندان جو تناسب ڪڍيو ته 2017ع ۾ اهو 7 پوائنٽ 2 سيڪڙو ٿيو پئي. هن چيو ته بيور آف اسٽيٽڪس جي انگن اکرن موجب 2013ع ۾ ڪراچي جي آبادي 2 ڪروڙ 13 لک آبادي رڪارڊ ڪئي وئي هئي، پر جڏهن آدمشماري ٿئي ٿي ته هڪ ادارو ٻي اداري جا انگ اکر غلط قرار ڏئي ٿو. هن چيو ته 2017ع جي آدمشماري جو مسئلو وڌي ويو، پر عمران خان جي حڪومت ۾ ووٽنگ جي ذريعي سنڌ جي اعتراضن کي رد ڪندي ان آدمشماري کي قبول ڪري گڏوگڏ نئين آدمشماري جي به منظوري ڏني وئي. هن چيو ته سنڌ جون 2 جماعتون اهڙيون آهن جن جي سنڌ سهراب ڳوٺ وٽ ختم ٿي وڃي ٿي، هن ڀيري به اهي ئي جماعتون ساڳيو ڪم ڪن پيون، هڪ جماعت پنهنجي ڪانفرنس جو عنوان ئي شهري سنڌ جو ڪيس رکيو ته مون هنن کي چيو ته توهان ڇو پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻو پيا، ٻهراڙي کي ڇو پيا الڳ ڪريو. هن چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ 5 جنوري 2022ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آدمشماري جي حوالي سان هڪ ورڪنگ پيپر ڏيکاريو جنهن ۾ سنڌ جو هڪ به نمائندو شامل نه هو، اسان ان وقت احتجاج ڪيو ته پوءِ ٻڌايو ويو ته اهو ورڪنگ گروپ نه پر مانيٽرنگ گروپ آهي. هن چيو ته اسان موجوده آدمشماري ۾ ٽيبليٽ نه هجڻ واري جواز کي به رد ڪيو هو ته آدمشماري جي سوالن جا جواب سمارٽ فون تي به ٿي سگهن ٿا، ان سان پيسن جي به بچت ٿي سگهي ٿي، 13 ارب روپيا بچي پوندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو حال اهو آهي ته جنهن به مسئلي جي نشاندهي ڪري لکپڙهه ڪجي ٿي ته ان جو جواب مهينن کانپوءِ ملي ٿو. ويهڪ ۾ وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي خدشن کي ختم نه ڪيو ويو آهي ان ڪري سنڌ هاڻوڪي آدمشماري کي به رد ڪري ٿي، پيپلزپارٽي کي آدمشماري جي حوالي سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، امداد چانڊيو، ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش ۽ ٻين پڻ ڳالهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button