سنڌ

حيدر بخش جتوئي جو فڪر خوشحالي جو پيغام، متحد ٿيڻو پوندو:حيدرآباد ۾ ورسي تقريب

سنڌ هاري ڪميٽي طرفان عظيم انقلابي اڳواڻ حيدر بخش جتوئي جي 53 هين ورسي بابا سنڌ گرائونڊ ۾ ملهائي وئي. ان موقعي تي ڪوٺايل تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمرحيدر جتوئي چيو ته بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي جي فڪر تي متحد ٿيڻ سان ئي سنڌ خوشحال ٿيندي، هاري ۽ پورهيت خوشحال ٿيندا، اسان ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. هن چيو ته سڄي سنڌ جو دورو ڪندس ۽ ايندڙ اليڪشن حيدرآباد جي صوبائي تڪ پي ايس- 66 تان وڙهندس، سنڌ هاري ڪميٽي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندي، سڄي سنڌ ۾ هاري ڪانفرنسن جو شيڊيول جاري ڪنداسين. نامياري قانوندان علي احمد ڪرد ٽيليفونڪ خطاب ۾ چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اسان لا اتساهه جو نالو آهي، ملڪ ۾ جيڪا به مزدورن ۽ پورهيتن جي ڳالهه هلي ٿي، ان ۾ بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي جو فڪر شامل آهي. سنڌي هاري تحريڪ جي صدر دلدار لغاري چيو ته سنڌ ۾ اسان کي کاٻي ڌر جي عوامي سياست کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ٻاريل لاٽ اڄ به پورهيتن لا روشن راهه آهي. اي جي پي صدر سيد لعل شاهه خطاب ڪندي چيو ته بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي جيڪا جدوجهد ڪئي اڄ به اهڙي ئي جدوجهد جي ضرورت آهي. وطن جمهوري پارٽي جي اڳواڻ گلشير شر چيو ته حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد کي سگهارو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان سنڌ هاري ڪميٽي جي دوستن کي يقين ڏياريون ٿا ته سندن جدوجهد ۾ ساٿ ڏينداسين. ورسي تقريب کي اديب محسن جويو، منصور قادر جوڻيجو، اڳواڻو وائيس چانسلر ڀائي خان شر، سينيئر نائب صدر ادريس بروهي، جنرل سيڪريٽري عالم زيب ميمڻ، نائب صدر قادر بخش سيلرو، ولايت نوناري، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اعجاز شر، خزانچي جبار باغي، پريس سيڪريٽري عابد رند، نهال عباسي، اڳواڻو قومپرست اڳواڻ ايوب شر، ڪامريڊ سارنگ ڄام، ظهير حسين حيدري، پروفيسر ادريس جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ورسي ۾ ٺهرا منظور ڪري مطالبا ڪيا ويا ته سنڌ ۾ وڏيرڪو نظام ختم ڪري ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، سنڌ ۾ بک، بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي لا حڪومت کي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن، سنڌ ۾ هٿ سان گُٽڪو، آئس ۽ ٻيون خطرناڪ نشي واريون شيون ڦهلايون ويون آهن، ان ڪري حڪومت هنگامي بنيادن تي سنڌ کي نشي وارين شين کان پاڪ ڪري، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري تي پابندي لڳائي سرڪاري زمين سنڌ جي بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي. اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو ته ڏوڪري زرعي ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏئي ان تي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو نالو رکيو وڃي. ورسي تقريب ۾ اديب ۽ دانشور گل حسن ڪلمتي ۽ اجمل ساوند جي قتل تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button