پاڪستانسنڌ

خيرپور ناٿن شاهه ۾ نوري آباد سانحي جي فوتين جي وارثن ۽ شهرين جي ريلي

خيرپور ناٿن شاهه: خيرپور ناٿن شاھه ۾ 12 آڪٽوبر 2022ع نوري آباد بس سانحي ۾ مغيري برادري جي هڪ خاندان جا سڙي رک ٿيندڙ 19 ڀاتين جي وارثن پاران انصاف نه ملڻ خلاف نٽھڻ اس ۾ علمدار چوڪ کان ريلي ڪڍي سٽي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاھري ۾ شھر جي سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاھري ۾ شريڪ مذن خان، فقير علي حسن جانوري، عمران زنگيجو، سڪندر کوکر ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته 2022ع جي مها ٻوڏ خيرپور ناٿن شاهه واسين لا قيامت صغرا جا منظر پيش ڪيا، عوام پنھنجي جان بچائڻ لاءِ دربدري جا ڌڪا کائيندا رھيا، لڏپلاڻ ۽ انهن جي واپسي ڪيترن ئي خاندانن جون زندگيون کسي ورتيون، ان دوران مغيري برادري سان ٿيل سانحو ڪنھن کان ڳجھو ڪونھي جيڪي ھن وقت تائين انصاف لاءِ دربدري جا ڌڪا کائيندا رھن ٿا. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي پنهنجي ڪيل واعدن تي عمل ڪن ۽ شھيد ٿيل وارثن سان انصاف ڪري انهن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button