پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي گرلز اسڪول ۾ تقريب، ٽيبلوز پيش، انعام ڏنا ويا

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۾ سردار ياسين ملڪ گرلز اسڪول ۾ سالياني رزلٽ ۽ سال مڪمل ٿيڻ تي پھرين سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم ميون علي محمد ولھاري مھمان خاص طور شرڪت ڪئي، ٻارن تعليم تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ اسٽيج تي اچي لبڪشائي ڪئي، اسڪول جي سرپرست اعلى رياض ملڪ ۽ اسڪول کي مينيج ڪندڙ يامين ملڪ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسڪول ۾ ٻارڙن جو تعداد ھڪ سئو 10 آهي، ھاڻي آگسٽ کان ڇھين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين داخلائون ڪيون وينديون، بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب 15 لک جو سولر پيینل منظور ڪيو ويو آهي، آگسٽ کان ٻارن جي اچ وڃ لاءِ بس پڻ شروع ڪئي ويندي، پروگرام ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي مھمان خاص مخدوم ميون علي محمد ولھاري پنهنجي ھٿ سان ٽرافيون ڏنيون. آخر ۾ مخدوم ميون علي محمد ولھاري نياڻين جي تعليم تي زور ڏيندي چيو ته جنهن به گهر ۾ ما پڙھيل ھوندي، اھو پورو خاندان تعليم جي زيور سان نوازجي ويندو، تعليم ملڪ ۽ قوم جي ترقي ڪندي آهي، ان ڪري تعليم لازمي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button