سنڌ

عمران خان ۽ ٽي ٽي پي ۾ هاڻي ڪو به فرق ناهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ گذريل ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ڪجهه اهم ملڪ شرڪت نه ڪري رهيا آهن ۽ اها حڪومت پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب سفارتڪاري جو ثبوت آهي. هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي ڪا به سوديبازي نٿي ڪري سگهجي ڇو ته پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته ڪنهن به غلطي جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته اڄ به عمران خان پرڏيهين کي انٽرويو ڏئي پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيو آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جو ڪوبه وزيراعظم رهي اهڙيون نفرتون ڦهلائيندڙ ڳالهيون نٿو ڪري سگهي، جيترو عمران خان پنهنجي انٽرويوز ۾ ڪري رهيو آهي. سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ليڊر اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي قوم کي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي، جڏهن ته عمران خان هر ڀيري پنهنجو موقف تبديل ڪرڻ ۽ يوٽرن وٺڻ کي فخر سمجهي ٿو. ڌشرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنهنجي مفادن لاءِ، اقتدار جي لالچ لاءِ ان حد تائين ڪرڻ جو پنهنجي ئي ملڪ ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ ناقابل برداشت آهي، هن چيو ته عمران خان جيڪو سائفر ڊرامو شروع ڪري پوري قوم کي ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳايو ته هن جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪا جو هٿ هو ۽ اڄ توهان پرڏيهين کي انٽرويو ڏئي چئي رهيا آهيو ته توهان جي حڪومت ڪنهن ٻي ڪيرائي هئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قوم کي عمران خان جي عمل ۽ تضاد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ هن شخص جي قول ۽ فعل ۾ بار بار تضاد آهي ۽ سوچڻ گهرجي ته هي شخص اهڙين ڳالهين سان ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. هي شخص ماڻهن جي ذهنن ۾ نفرت پيدا ڪري رهيو آهي. هي ماڻهو تمام گهڻو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي. هن چيو ته عمران خان زبردستي ادارن کي سياست ۾ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان پنهنجي ئي ملڪ جي سياستدانن ۽ ادارن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي چونڊ نه پر مصنوعي طريقي سان اقتدار ۾ آندو ويو، جنهن تي عمران خان پاڻ پنهنجي انٽرويوز ۾ اعتراف ڪيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ منهنجي حڪومت جا انگ ڪو ٻيو پورا ڪندو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان کي ڪنهن جي گرفتاري تي خوشي ناهي ٿيندي پر گاڏين، بسن، ملڪيتن ۽ قومي يادگارن کي نقصان پهچائڻ جي صورت ۾ توهان جي خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان ۽ ٽي ٽي پي ۾ هاڻي ڪو به فرق ناهي. هن چيو ته هن باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي رهائشگاهه کي به باهه ڏياري، ان کان وڌيڪ ظلم ڇا ٿو ٿي سگهي ؟ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سمورن سهولتڪارن جي مدد باوجود عمران خان وٽ هڪ ئي رستو آهي ته هو ٽي وي تي اچي پنهنجي ڪرتوتن تي معافي گهري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان اقتدار جي حوس ۾ ملڪ کي نقصان پهچائڻ گهري ٿو، جنهن کي ڪنهن به صورتحال ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو ته القادر ڪيس صرف اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي، ان ڪيس ۾ صرف بينڪ اسٽيٽمنٽ عمران کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button