پاڪستانسنڌ

مذهبي جنونيت اڳيان صوفي ازم ذريعي بند ٻڌي سگهجي ٿو:سڄاڻ ڌريون

شھدادپور: صوفي ازم پنهنجي جوهر ۾ سنڌ جو فڪر رهيو آھي، موجوده حالتن ۾ ان جي اهميت وڌندڙ آھي. اڄوڪو هي شاندار وڏو ميڙ ان جو عملي ثبوت آھي جو ملڪ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف مڪتبه فڪر جا هزارين ماڻهو هن ڏورانهين هنڌ تي اچي گڏ ٿيا آھن. اهڙو اظهار سنڌ جي مختلف درگاهن جي گادي نشينن، سجاده نشينن، سياسي سماجي اڳواڻن جونيئر جاڻن فقير، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نيازڪالاڻي، صوفي شاعر مانجهي فقير، مشهور قومي شاعر مهر ڊٻائي، فقير منور ابڙو، بخشڻ مهراڻوي، ساگر ابڙو، هالار لغاري ۽ ٻين ٻرهوڻ ڀرسان جڳ مشهور صوفي شاعر مانجهي فقير جي والد صوفي در محمد فقير جي 20 هين عرس جي موقعي تي گڏ ٿيل هزارين ماڻھن جي هجوم سان اظھار خيال ڪندي ڪيو. هنن چيو ته سنڌ ڌرتي مذهبن جي ما رهي آھي، هتي ڪڏھن به ڪو به مذهبي مٿڀيد ناهي رهيو. ورهاڱي کانپو ھتي مذهبي جنونيت ۽ ڌاري آبادڪاري هڪ گهري سازش تحت وڌائي وئي آھي، ان کي موجوده ۾ صوفي ازم ۽ تصوف جي ذريعي وڏو بند ٻڌي سگهجي ٿو. عرس جي موقعي تي صوفي درگاهن جي گادي نشينن، سجاده نشينن، سياسي سماجي، اديبن، شاعرن، قومپرست پارٽين جي اڳواڻن، آفيسرن ۽ صحافين رياض شاھه، پ پ اڳواڻن شير باز خان مري، امير بخش عمراڻي، راڻا عبدالستار، سماج سڌارڪ محمد سليمان جي ابڙو، علي نواز خان چانڊيو، قومپرست اڳواڻ پنهل ساريو، فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻن ظفر فقير ورياماڻي، محمد افضل خان سنجراڻي، مقرب خان، سرور جعفري بلوچ، عبدالجبار ڌاريجو، صوفي درگاهن جي فقير جي ايم مست پروازي، فقير امداد سائين، احمد خان کٽياڻي، ظهير فقير، پرويز احمد فقير، خير شاھه، منور فقير ابڙو، شاعرن، اديبن، صحافين عاجز منگي، اسلم ميمڻ، محمد علي خاصخيلي، خدا ڏنو ڪاڇائي، اسد ڏاهري، محبوب علي ٿهيم حاڪم ناياب جهلڻ، شاد علي منگي، عبدالحڪيم منگي ۽ ڪاشف شاد شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مانجهي فقير جي آستاني جي مانجهائي جماعت جي سنگ، سليمان مانجهائي جي سنگ، رجب فقير، وزير علي شاھه، فقير خالد ڀٽي، سهراب فقير، امتياز فقير، غلام رباني چانڊيو ۽ منور ابڙو سميت ٻين صوفي راڳ آلاپي محفل کي جهومائي سج اڀاري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button