پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڪوئيٽا واسي واپاري شاخ ۾ ڪري ٻڏي فوت

ميرپورخاص: ميرپورخاص ٽول ٽئڪس لڳ ڳوٺ جاني لغاري ۾ رھندڙ ڪوئيٽا جي علائقي چمن بارڊر جو رهواسي جمعو خان پٺاڻ جيڪو ڪپڙن جو ڪاروبار ڪندو ھو ۽ اڪيلو رھندو ھو، سانگرو شاخ جي ڪپ تي ٿانو ڌوئي رهيو هو ته اوچتو پير ترڪڻ سبب شاخ ۾ ڪري پيو ۽ پاڻي اونھو ھجڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو، جنھن بعد علائقي واسين فوتي جو لاش ڳولا ڪري شاخ مان ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. جڏهن ته علائقي واسين فوتي جي وارثن کي فون ذريعي اطلاع ڏنو، فوتي 15 سالن کان ڳوٺ جاني لغاري ۾ رھندو ھو ۽ ڀرپاسي ۾ ڪپڙن جو واپار ڪندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button