پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر، ٻارڙو فوت، ما پي زخمي

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار شهر جي بچاڻي پيٽرول پمپ سامهون موٽرسائيڪل ۽ بلديا جي ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار هرچند ڌرمو، سندس گهر واري انيتا ۽ سندس پٽ 10 ورهين جو آڪاش شديد زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال پهچايو ويو، جتي ڌرمو ڪولهي جو 10 ورهين جو پٽ آڪاش زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. زخمي هرچند ڌرمو ڪولهي ٽنڊوسومرو روڊ جو رهواسي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button