اسلام آبادپاڪستان

نظرثاني دائرو وڌايو ته ڪيترائي سال پراڻا ڪيس سامهون ايندا:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست تي شنوائي ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪيس جي بئنچ عدالتي حڪم تي 9 رڪني مان 5 رڪني بڻي. جڏهن عدالت جي حڪم تي ڪائي 7 رڪني بئنچ ٺهي ئي نه آهي ته 4/3 جو فيصلو ڪيئن ٿي ويو. اربع تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ روسٽرم تي آيو، اٽارني جنرل چيو ته گذريل ڏينهن عدالت جي ڪجهه ريمارڪس جو تاثر درست ناهي ويو، گذريل ڏينهن عدالت ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن نقطا اڳ ڇو نه اٿاريا ٻيو نقطو هو وفاقي حڪومت پهريان 4/3 جي چڪر ۾ پيل رهي، هڪ صوبي ۾ چونڊون ٿين ته قومي اسيمبلي جو اليڪشن متاثر ٿيڻ جو نقطو پهريان به اٿاريو هو، پنهنجي جواب ۾ 4/3 جو فيصلو ٿيڻ جو ذڪر به ڪيو هو. چيف جسٽس چيو ته اسان ڪالهه خوش هئاسين ته قانوني نقطا عدالت ۾ پيش ڪيا ويا، اوهان کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي. ڪوئي معقول نقطو اٿاريو ويو ته جائزو وٺي فيصلو به ڪنداسين. عدالت ۾ قانوني نقطا اڳ اٿاريا ويا پر ان تي بحث ناهي ڪيو ويو، ڪالهه نظرثاني جي اختيار واري دائري تي ڳالهه ٿي هئي، ماضي کي حڪومت خلاف استعمال نه ڪنداسين. چيف جسٽس چيو ته ياد رکو ته اوهان جا جيڪي به عمل هئا اهي ان تائين محدود هئا، حڪومت جي نه پر الله جي رضا لاءِ گهڻيون قربانيون ڏئي هتي ويٺا آهيون. اوهان پنهنجن ساٿين کي چئو ته اسان جي دروازي تي ايتريون سخت ڳالهيون نه ڪن پنهنجن ساٿين کي چئو ته سڀ کان وڏي ايوان ۾ ايتري سخت ڳالهيون نه ڪريو اسان الله لاءِ ڪم ڪريون ٿا ان لاءِ چپ ويٺا آهيون. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته اسان ته اوهان کي ڏسي کلي دل سان گڊ ٽو سي يو چيو، ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪيل ڳالهيون رپورٽ ايئن ٿيون جو ان سان غلط تاثر ويو. اسان جي هر شئي درست رپورٽ نٿي ٿئي. چيو ويو ته عمران خان کي عدالت مرسڊيز ڏني هئي، مان ته مرسڊيز استعمال ئي ناهيان ڪندو. پي آر او به ٻڌايو پوليس عمران خان لاءِ بلٽ پروف مرسڊيز جو بندوبست ڪيو، ان ڳالهه کي پتو نه آهي ته ڇا کان ڇا بڻايو ويو؟ چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ چيو هو ته سيڪيورٽي ۽ فنڊ ڏئي ڇڏيو چونڊون ڪرائينداسين، هاڻي انهن سمورن نقطن جي ڇا قانوني حيثيت آهي. 9 رڪني بئنچ پنهنجي حڪم ۾ اهم سوال اٿاريا هئا تڏهن ته سياسي جماعتن جا مفاد ڪٿي ٻئي هنڌ جڙيل هئا. قانوني نقطن تي دليلن بدران بئنچ تي اعتراض ڪيو ويو. عدالتي حڪم تي ئي 9 رڪني بئنچ مان پنج روڪني بئنچ ٺهي، 7 رڪني بئنچ عدالت جي حڪم تي ٺهي ئي نه آهي ته 4/3 جو فيصلو ڪيئن ٿي ويو. عام مفاد جو معاملو نه هجي ته ٻن منٽن ۾ هن ڪيس جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن دائري بابت توهان جا دليل درست مڃيا وڃن ته سپريم ڪورٽ جا رولز ڪالعدم ٿي ويندا. سپريم ڪورٽ جي ضابطن تي اڃا تائين ڪا به ترميم نه ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن دائرو وڌايو ويو ته ڪيترائي سال پراڻا ڪيس به سامهون ايندا. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته نظر ثاني بابت سپريم ڪورٽ جو آرڊر 26 مڪمل طور تي لاڳو ناهي. جيڪڏهن آرڊر 26 تي مڪمل طور تي عمل نه ڪيو ويو ته نظر ثاني ڪرڻ جو مدو به ختم ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button