اسلام آبادپاڪستان

فواد چوڌري پي ٽي آ کان ڌار، اسد عمر به عهدو ڇڏي ڏنو

اسلام آباد/لاهور/پشاور: تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري، اسد عمر ۽ عثمان ترڪئي پارٽي کان راهون ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته 9 مئي وارن واقعن جي غير مشروط مذمت ڪيان ٿو ۽ في الحال سياست کان وقفو ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهيان ۽ عمران خان کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته 9 مئي تي فوجي اڏن تي حملو افسوسناڪ آهي، واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙين حالتن ۾ قيادت جي ذميواري نٿو کڻي سگهان، ان ڪري پارٽي جي اهم ترين عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي هزارين بيگناهه ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته واقعي ۾ ڪجهه ماڻهو ملوث هوندا، جاچ ٿيڻ گهرجي. فوج جي طاقت رڳو بندوق سان نه پر قوم جي پٺيان بيهڻ سان هوندي آهي. هن چيو ته آئون 3 نسلن کان پاڪ فوج سان لاڳاپيل آهيان، 15 ڏينهن جيل ۾ گذاريا ۽ ان دوران صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪافي وقت مليو. اسد عمر چيو ته هن وقت پاڪستان جا 5 وڏا اسٽيڪ هولڊر آهن، عدليا ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ انهن جي فيصلن تي عمل ناهي ٿي رهيو، اها انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي، پاڪستان جو ٻيو وڏو اسٽيڪ هولڊر فوج آهي، ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن چيو ته ٽيون وڏو اسٽيڪ هولڊر تحريڪ انصاف آهي، پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي آهي جنهن جا هزارين ڪارڪن جيلن ۾ آهن، چوٿين اسٽيڪ هولڊر پي ڊي ايم آهي جيڪا اسان جي مخالف سياسي پارٽي آهي. اسد عمر چيو ته جيڪڏهن اڄ چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهيندي، جڏهن ته سنڌ ۾ پي ڊي ايم جون پارٽيون حڪومت ٺاهينديون، اها سياسي حقيقت آهي. ٻئي طرف پي ٽي آئي ڇڏيندڙ عثمان ترڪئي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي. اربع تي پريس ڪانفرنس ڪندي پي پي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي. ان موقعي تي عثمان ترڪئي چيو ته پيپلزپارٽي ۾ اچي کيس ايئن لڳي رهيو آهي ته جيئن مان موٽي پنهنجي گهر آيو آهيان هن ٻڌايو ته ان جو ۽ سندن گهرڀاتين جو پيپلزپارٽي سان پراڻو لاڳاپو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button