اسلام آباد/لاهور :پي ٽي آءِ اڳواڻ مليڪا بخاري به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران مليڪا بخاري نوَ مئي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته هر پاڪستاني لاءِ نوَ مئي جا واقعا تڪليف ڏيندڙ آهن. مليڪا بخاري پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته چاهيان ٿي ته هاڻي پنهنجي خاندان سان گڏ وقت گذاريان. ان کان اڳ پي ٽي آءِ عورت اڳواڻ مليڪا بخاري کي اڊيالا سينٽرل جيل جي گيٽ نمبر 5 مان ٻاهر ڪڍيو ويو. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي بئريسٽر مليڪا بخاري کي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هوڏانهن بلوچستان مان تحريڪ انصاف جي سينيٽر عبدالقادر به باضابطا طور تي تحريڪ انصاف کان عليحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو، عبدالقادر 2021ع ۾ بلوچستان مان آزاد سينيٽر چونڊجي ويو. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر عبدالقادر چيو ته مان جناح هائوس، ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ آرمي تنصيبات تي حملي جي مذمت ڪريان ٿو، تحريڪ انصاف بدران آزاد حيثيت ۾ ايوان ۾ ويهندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close