فريدآباد: فريدآباد ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۽ قبيلائي جھيڙن خلاف سول سوسائٽي طرفان احتجاج ڪيو ويو. فريدآباد ۾ جي ڊبليو سي جي سڏ تي نيشنل پريس ڪلب کان ھٿن ۾ پينا فليڪس ۽ پلي ڪارڊ کڻي سول سوسائٽي جي سينيئر صحافي ولي چانڊيو، لطيف بروھي، احمد علي چانڊيو، ايڊووڪيٽ عاشق سولنگي، ظفر سولنگي، پير محمد ڏيرو، سڪندر علي بروھي، عبدالفتاح گائنچو، ڪي ڪي خاصخيلي، فھد بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سٽي گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ضلعي دادو جي ڊبليو سي جي اڳواڻ سينيئر صحافي ولي چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، قبيلائي جھيڙن جي ڪري سنڌ جو وڏو نقصان ٿي رھيو آهي، پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جو عالمي ادارا نوٽيس وٺن. ھنن چيو ته جاگيرداراڻي نظام جي ڪري قبيلائي جھيڙا ڪرائي خونريزي ڪرائي وڃي ٿي، سنڌ جون حالتون ھٿ وٺي خراب ڪيون وڃن ٿيون. ھنن اقوام متحده ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙا ختم ڪرائي پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. احتجاج ۾ سياسي سماجي علمي ادبي اڳواڻن، صحافين، سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close