پاڪستانسنڌ

چوٽياريون ۾ ننڍي مڇي جي شڪار خلاف احتجاجي ريلي

چوٽياريون: چوٽياريون ويجهو ڳوٺ ڦليل ۾ فشر فوڪ فورم اڳواڻن ۽ مهاڻن ننڍي مڇي جي شڪار ۽ نسل ڪشي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي رسول بخش ملاح، رمضان ملاح، تاجل ملاح ۽ ٻين چيو ته چوٽياريون ڊئم سميت مختلف علائقن ۾ ننڍي مڇي جو غيرقانوني شڪار جاري آھي. جنهن سبب هزارين مهاڻن جو گذر سفر مشڪل بڻجي ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته فوري طور ننڍي مڇي جو شڪار بند ڪرايو وڃي ۽ ملوث واپارين توڙي مارين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن اعلان ڪيو ته 2 جون تي سانگهڙ ڀرسان باکوڙو ۾ قائم فش هچري جي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button