اسلام آبادپاڪستان

حڪومت عمران خان جي ڳالهين جي آڇ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد : حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ڳالهين جي آڇ رد ڪري ڇڏي. لاهور ۾ جناح هائوس جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير سعد رفيق چيو ته جناح هائوس ۾ واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جناح هائوس ۾ قائداعظم جو ڪيترائي سامان موجود هو، جنهن کي باهه ڏني وئي هئي ۽ جناح هائوس جو تقدس پائمال ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جو اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف هو، ڪڏهن به فوجي هنڌن آڏو احتجاج ڪرڻ جو نه سوچيو هو، مشرف دور ۾ به روز احتجاج ڪندا هئاسين پر ڪنٽونمينٽ جي تقدس جو خيال رکيو. جناح هائوس کي ماچيس سان نه پر ڪيميڪل ذريعي باهه لڳائي وئي. هن چيو ته انهن کان وڌيڪ بدقسمت ٻيو ڪو به ناهي، جيڪي پنهنجي فوج کي نشانو ٿا بڻائين، جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر تي حملو سياست نه پر دهشتگردن جو ڪم آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن به بيگناهه کي سزا نه ڏني وڃي ۽ ڏوهاري هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ هجي. خواجا سعد رفيق چيو ته هي ڳالهين جو ماحول ناهي، عمران خان جيڪا ڪميٽي ٺاهي آهي ان سان ڪير به ڳالهه ٻولهه نه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 9 مئي جي واقعن کي روڪڻ ڪنهن جي ذميواري هئي؟ اهو سوال منهنجي بدران پنجاب جي نگران حڪومت کان پڇيو وڃي. ٻئي طرف خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته عمران خان سان هاڻي ڳالهيون تڏهن ئي ٿي سگهن ٿيون، جڏهن هو قوم کان معافي گهري، پنهنجي غلطي تسليم ڪري ۽ واعدو ڪري ته هو ملڪ ۾ اهڙو ڪجهه نه ڪندو. هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ سان سچي نيت سان ڳالهيون ڪيون، اليڪشن جي تاريخ کانسواءِ سمورن معاملن تي پي ٽي آءِ سان اتفاق ڪيو پر پوءِ 9 مئي تي حملا ڪيا ويا. هوڏانهن بچا واري وفاقي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته عمران خان گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي، هاڻي انهي سان ڳالهيون ممڪن ناهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ 7 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪيو هو. ڳالهين واري ٽيم ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، اسد قيصر، حليم عادل شيخ، عون عباس، مراد سعيد ۽ حماد اظهر شامل هوندا، جڏهن ته نواز شريف به ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button