اسلام آبادپاڪستان

جسٽس مظاهر نقوي خلاف ريفرنس ۾ اڳڀرائي، سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ڪاروائي شروع

سپريم جڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي خلاف ريفرنس ۽ شڪايتن تي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتون سپريم جڊيشل ڪائونسل جي هڪ ميمبر ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن، واضح رهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود سپريم جڊيشل ڪائونسل جو حصو آهن، جڏهن ته سنڌ ها ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس امير ڀٽي به سپريم جوڊيشل ڪائونسل جا ميمبر آهن، چيف جسٽس عمر عطا بنديال وٽ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي چيئرمين طور اجلاس گهرائڻ جو اختيار آهي پر چيف جسٽس اجلاس گهرائڻ کان اڳ شڪايتن جي جائزي لا معاملو ڪائونسل جي سينيئر ميمبر ڏانهن موڪليندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button