سنڌ

پارليمينٽ جي توهين ڪنهن صورت برداشت نٿي ڪري سگهجي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (هينڊ آئوٽ)سنڌ جي اطلاعات ۽ ماس ٽرانزٽ کاتن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ اهڙن پبلڪ ٽرانسپورٽ جن ۾ سي اين جي ڪٽ لڳل آهن، انهن کي فوري طور تي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي مطابق صوبي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي ڊپوز تي قبضن کي خالي ڪرايو ويندو. هن ٻڌايو ته موٽر وي جي طرز تي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي هڪ فورس ٺاهي رهي آهي، اها فورس روڊ ٽرانسپورٽ کي ٽريفڪ ۽ ڊرائيونگ جي قاعدن ۽ ضابطن جي مطابق هلائڻ جي نگراني جا فرض سرانجام ڏيندي ۽ ان سان گڏو گڏ گورنمينٽ ٽرانسپورٽ کي پڻ اها فورس مانيٽر ڪندي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي درخواست تي نئين بجيٽ ۾ 500 بسن جي فراهمي جي تجويز غور هيٺ آهي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو آهي ۽ کاتي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ جي بسن جي سروس کي توسيع ڏيڻ واري اسڪيم تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته پارليمنٽ عوام جو چونڊيل ادارو آهي ۽ پارليمينٽ جي توهين کي ڪنهن صورت برداشت نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ثاقب نثار پنهنجي دور ۾ عمران خان کي صادق امين قرار ڏنو، بني گالا ريگيولرائز ڪيو ۽ اپوزيشن جي سياستدانن کي قيد ڪيو. هن چيو ته پارلمينٽ سميت ڪنهن به اداري جي بي توقيري برداشت نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته ثاقب نثار پاران اختيارن کان تجاوز ڪيل فيصلن کان ئي ان جي خلاف اوپن شٽ ڪيس آهن. هن چيو ته سوال هي آهي ته ڇا عمران خان مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي يا نه آهي؟ هن سوال ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي يا نه ؟ هن چيو ته لاڊلي کي بي آر ٽي پشاور ۾ اسٽي آرڊر ڏنا ويا. هن چيو ته پنهنجي قومي ادارن تي حملا ڪرائڻ عمران خان جو سڀ کان خراب ڏوهه آهي ۽ پوءِ اها ڌمڪي ڏيڻ ته اڳتي مونکي گرفتار ڪيو ويو ته اهو ئي ردعمل هوندو. هن چيو ته ايتري وڏي ڏوهه جي باوجود عمران خان هڪ ڏينهن به جيل نه ويو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ماڻهن کي استعمال ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي ئي ماڻهن کي سڃاڻڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پي ٽي آئي جي ورڪرن کي عمران خان پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ۽ اڄ سڃاڻڻ کان انڪاري ڪري رهيو آهي. هن سوال ڪيو ته عمران خان پنهنجي ڪيترن ماڻهن سان ملڻ لاءِ جيل ويو ؟ ڇا ليڊر اهڙا هوندا آهن ته پنهنجي ڪارڪنن کي مشڪل ۾ اڪيلو ڇڏي ڏي؟ هن چيو ته ها ليڊر ناهي، بلڪي ڪارڪنن کي استعمال ڪرڻ وارو ٻيو چهرو وٺڻ وارو آهي. هن چيو ته بين الاقوامي ڪميونٽي عمران خان جي پراپيگنڊي کي ان جي اعمال جي روشني ۾ ڏسي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صرف ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ٻٽو معيار آهي، ان سان به اهو ثابت ٿئي ٿو ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي استعمال ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي سياست لاءِ ڪوئي نه ڪوئي بيانيو پيدا ڪندي رهندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button