سنڌ

برسات ۾ نقصان تي ڏک،عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين:بلاول ڀٽو

پرڏيهي وزير ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ برسات دوران حادثن ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري حادثن ۾ پنهنجا پيارا وڃائي ويهندڙ گهراڻن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهر ڪندي چيو ته لاڳاپيل عملدار برسات ۾ حادثن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻن. سنڌ حڪومت مشڪل گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهي، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته موسمي تبديلين سبب پاڪستان سخت موسمن کي منهن ڏئي رهيو آهي، عالمي برادري موسمي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهين دوران پاڪستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي سٽ نٿي سهي سگهي، گذريل سال تباهه ڪندر برساتن جي متاثرن جو هڪ وڏو انگ اڄ به انساني همدردي جي بنياد تي عالمي برادري جي تعاون جو منتظر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button